اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ماضي گواهه آهي ته پارليامينٽ ۾ بيهي ڪوڙ ڳالهائڻ شريف ڀائرن جو شيوو آهي?? پاڪستان جي سڀ کان وڏي عدالت پارليامينٽ ۾ ڳالهايل ڪوڙ تي نواز شريف کي ڪوڙو قرار ڏنو، ان جو عمران خان تي آڱر کڻڻ ??ي معنيٰ آهي، وز??راعظم جو بيان جعلي اڪائونٽس وارن، ٽيڪس چورن ۽ بي نامي وارن جي لاءِ هو?? 30 جون کان اڳ مخالف ڌر جون رڙيون چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک جي برابر آهي ۽ ان ڳالهه جي گهرج ڪري ٿو ته وز??راعظم جو موقف صحيح آهي. پنهنجي بيان ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اڃا ته 30 جون ناهي آئي ۽ مخالف ڌر جون رڙيون هينئر کان ئي شروع ٿي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن