اسلام آباد – 28 – مارچ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو، اهو منصوبو پاڪستان جي ??وام کي پنهنجو گهر، روزگار جا موقعا، ملڪي دولت ۾ اضافي ۽ معيشت کي فروع ڏيندو، ملڪ جي مستقبل جي لاءِ هي اهم منصوبو آهي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ جا سربراهه عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. هو هائوسنگ ٽيلي ٿان کي ٽيليفونڪ خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسٽ??ڊي?? ۾ سينيٽر شبلي فراز، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، نيشنل بئنڪ پاڪستان جو صدر موجود هئا. ماڻهن پاران ان موقعي تي سڌوسنئون ڪالز ڪري پنهنجي مسئلن کان آگاهه پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اهڙن ماڻهن کي موقعو ڏنو ??يو وڃي جيڪي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي ??لاحيت نه ٿا رکن، انهن کي هي موقعو ڏنو ??يو وڃي ته جيڪا رقم اهي گهرن جي ڪرايي جي مد ۾ ڏئي رهيا آهن اها ئي قسط ادا ڪن. يورپ آمريڪا ۾ اهڙي طرح بئنڪن کان قرض وٺي گهر خريد ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو رواج نه هو. اسان پهريون ڀيرو اهو شروع ڪيو آهي. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر رضا باقر ۽ نيشنل بئنڪ جي ??در کي هدايت ڪئي ته اهي قرض حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪن ۽ عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪن. هن اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي تاڪيد ڪئي ته هو سمورين بئنڪن جي ??ربراهن کي ٻڌائي ته بئنڪ ماڻهن جي لاءِ آسانيون پيدا ڪري.
پنهنجو گهر اسڪيم سان ملڪ ۾ تعميراتي شعبي ۾ انقلاب ايندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر