اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪ??م جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان جي موجوده صورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، افغانستان بابت اڪانومسٽ جي تازي رپورٽ پريشان ڪندڙ آهي، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، ٻار بک سبب فوت ٿي رهيا آهن، اسان دنيا کي افغانستان جي حوالي سان پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو آهي، افغانستان جي عو??م جي مدد لاءِ پوري دنيا کي اڳتي اچڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ بلغاريه جي سفير ارينا گانچيوا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چ??ي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، افغانستان ۾ استحڪام نه ٿيو ته ??المي دهشتگرد تنظيمون افغانستان ۾ پنهنجا مرڪز قائم ڪ??ي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان دنيا کي افغانستان جي عو??م جي مدد جي اپيل ڪئي آهي. بلغاريه افغانستان جي صورتحال ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري سگهي ٿو. چوڌري فواد حسدين چيو ته ??سان طالبان حڪومت کي ان وقت تائين تسليم نه ڪنداسين جيستائين خطي جا ٻيا ملڪ افغان حڪومت کي تسليم نه ٿا ڪن. بلغاريه سان پاڪستان جي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل سفارتي ۽ ڀائراڻا لا??اپ?? قائم آهن جن کي اسان قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. ان موقعي تي بلغاريه افغانستان مان غيرملڪي شهرين ۽ سفارتڪارن جي انخلا جي حوالي سان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جو افغان امن عمل ۾ ڪردار ساراهه جوڳو آهي، بلغاريه افغانستان ۾ امن جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
يورپي يونين ۽ دنيا کي افغانستان جي استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔