اسلام آباد – 29 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اونگزيب چيو آهي ته قائداعظم يونيورسٽي سميت پاڪستان جون يونيورسٽيون تعليمي حوالي سان مضبوط آهن، انهي لا??ِ عالمي سطح جي درجابندين ۾ پاڪستاني يونيورسٽين جو هڪ نالو ۽ مقام آهي، دنيا سان مقابلي ۽ ايندڙ وقتن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ اسان کي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ اسڪلز ڊيولپمينٽ تي پڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين ۾ جڏهن سکڻ جي عمل سان گڏ جذبو به شامل ٿي وڃي ته ان جو ڪو مدمقابل ناهي هوندو. هو قائداعظم يونيورسٽي ۾ عالمي درجابندي جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرپرسن شائسته سهيل، قائداعظم يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي، مختلف شعبن جي استادن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته قائداعظم يونيورسٽي سان منهنجو هڪ گهرو تعلق آهي، مُون يونيورسٽي مان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هن يونيورسٽي مان گريجوئيٽ ٿي لنڊن ويس ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هن چيو ته قائداعظم يونيورسٽي سميت پاڪستان جون يونيورسٽيون تعليمي حوالي سان مضبوط آهن، انهي لا??ِ عالمي سطح جي درجابندي ۾ پاڪستاني يونيورسٽين جو هڪ نالو ۽ مقام آهي. هن چيو ته قائداعظم يونيورسٽي جي اصل طاقت شاگرد ۽ شاگرد تنظيمون آهن ڇو ته هتي ملڪ جي مختلف حصن مان مختلف ڪلچر ۽ ٻولين جا شاگرد اچ?? ٿا، ان ماحول ۾ جيڪو ڪجهه سک?? ٿا اهو ڪنهن اداري ۾ نه ٿو سکي سگهجي. هن چيو ته يونيورسٽين جي استادن جو معيار ب?? اعليٰ آهي، ڊاڪٽر اعتزاز، ڊاڪٽر برقي سميت تدريس سا?? واڳيل وڏا نالا آهن. اهڙين درسگاهن مان جيڪي سک?? ٿا انهن ۾ جيڪو جذبو شامل هوندو آهي ان جو ڪو مقابلو نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته درسگاهن جي اندر ڪلاس روم جي اندر ۽ ٻاهر تمام گهڻو ڪجهه سکڻ لا??ِ ملي ٿو، قائداعظم يونيورسٽي ۾ ملڪ جا سمورا ڪلچر ۽ ٻوليون ملن ٿيون، پوري ملڪ جو ڪلچر ۽ زبان قائداعظم يونيورسٽي ۾ ملي ٿي. سدائين هڪ تعلق ۽ اهڙو رشتو هوندو آهي جيڪو لفظن ۾ ٻڌائي نه ٿو سگهجي، اهو پنهنجي تعليمي ادارن سان قائم ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اڄڪلهه ايندڙ وقتن جي ضرورت کي پورو ڪرڻ جي نصاب جو زمانو آهي، 20 کان 25 سالن ۾ ڪهڙي جاب مارڪيٽ آهي جيڪا اچڻ واري آهي ان موجب هيومن ڊيولپمينٽ ۽ اسڪلز ڊيولپمينٽ هجڻ گهرجي، دنيا سان مقابلي جي لا??ِ اسان کي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم سان گڏوگڏ اسڪلز ڊيولپمينٽ تي پڻ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊيا ۽ پرفارمنگ آرٽس تي پڻ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آئين کي تعليمي ادارن ۾ لا??مي پڙهائڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته قانون جي شاگردن کي به آئين بابت معلومات نه هئي. هن چيو ته قائداعظم يونيورسٽي جو ڳاڻيٽو دنيا جي بهترين يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو، قائداعظم يونيورسٽي جو اصل اثاثو هتان جا شاگرد آهن. هن چيو ته هتي هر ثقافت ۽ ملڪ جي هر علائقي مان شاگرد اچ?? ٿا. پرفارمنگ آرٽ جي ذريعي اسان پنهنجو ڪلچر پروموٽ ڪري سگهو?? ٿا. ان موقعي تي هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، ڪلچر ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غيرملڪي يونيورسٽين سان رابطو قائم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته عالمي سطح تي يونيورسٽيون ايندڙ 20 سالن جي اڪنامڪ صورتحال جي اسسمنٽ جي ذريعي پنهنجي رخ جو تعين ڪري رهيون آهن، اسان جي ملڪ ۾ به سرڪاري يونيورسٽين کي عالمي رجحانن موجب پنهنجي ترجيحن جي رخ جو تعين ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي هن عالمي رينڪنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي تي يونيورسٽي جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. تقريب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير ڪيڪ ڪاٽيو ۽ شيلڊز ورهايون.
قائداعظم يونيورسٽي سميت پاڪستان جون يونيورسٽيون تعليمي حوالي سان مضبوط آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان