اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فار?? فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فار?? فنڊيڊ فتني جي انتشار، شدت پسندي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچائي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فار?? فنڊيڊ فتنو سرڪاري اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فار?? فنڊيڊ فتنو چون??ون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فار?? فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، فار?? فنڊيڊ فتني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خلاف آهي. هن چيو ت?? الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، سرڪاري ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن: وفاقي وزير مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا