ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي م??قع?? تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان م??قع?? تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحاليءَ جي منصو??ن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مول متن ۽ قدرتي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحاليءَ جي حوالي سان ان جي فائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي سب??ن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ناڪاري اثرن جو شڪار آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عالمي سطح تي گڏيل قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان پا??يد??ريت ??ي حاصلات جي ذريعي قدرتي آ??تن جي نقصانن کي گهٽ ڪري سگهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک