اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه سان گڏ بيٺل رهندو، ان سلسلي ۾ حڪومت جاري ??يسڪيو ۽ ريليف سرگرم??ن کي ملڪ گير مهم ۾ توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مُون سمورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻهن جي لاءِ قومي امدادي مهم جي ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي آهي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اسان واپاري ??رادري، مذهبي اسڪالرز ۽ تعليمي ادارن جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ه?? هڪ صديءَ جو بدترين زلزلو هو، اسان جي حيثيت ٻن ملڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي آهي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ