اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن طارق بن تيمور آل سعيد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي م??قعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم محمد شهباز شريف عمان جي سلطان هيثم بن تيمور آل سعيد کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيدالفطر جي خوشي جي م??قعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان ۽ عمان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن، خاص طور تي اسٽريٽجڪ، اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي حوال?? سان بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هن ٻنه?? سامونڊي پاڙيسرين جي وچ ۾ اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. عمان جي سلطان وزيراعظم جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوش?? سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مقصدن ۽ ٻنهي م??ڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحال جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم جو عمان جي سلطان سان ٽيليفونڪ رابطو، عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت