اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ڪوئيٽا جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ساڻس پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ??ه قائد ميان محمد نواز شريف پاران توهان سڀني پارٽي اڳواڻن کي سلام ۽ س??ني??ر نائب صدر مريم نواز، حمزه شهباز ۽ پارٽي جي س??ني??ر قيادت پاران بلوچستان جي مسلم ليگي ميمبرن جي لاءِ نيڪ خواهشون پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ??ه بلوچستان ج?? ترقي ۽ خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، هن ئي هڪ هفتي دوران هي منهنجو بلوچستان جو ٻيو ??ورو آهي، ٻوڏ دوران بلوچستان جي عوام ک?? ترجيحي بنيادن تي مدد ۽ انهن جي بحالي يقيني بڻائي. هن چيو ??ه باصلاحيت افرادي قوت کي هڪ جهڙ?? ترقي جي موقعن ۽ روزگار جي فراهمي تائين سک س??ن نه ويهندس، بلوچستان جي ماڻهن جي محرومين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو ??هيان. ٻوڏ دوران مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي ميمبرن امدادي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو. ٻوڏ متاثرين جي ڏکن تي مرهم رکڻ تي مون سميت پوري مرڪزي قيادت توهان سڀني جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي قيادت جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل