اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي ته جيئن جون 2024ع تائ??ن انهن جي تڪميل ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير سينيٽر اسحاق ڊار بجيٽ تقرير ڪندي چيو ته سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ جديد تر??ن انفراسٽرڪچر جي فراهميءَ لاءِ پي ايس ڊي پي جو 52 سيڪڙو رکيو ويو آهي. هن چيو ته انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن لاءِ ڄا??ايل رق?? 267 ارب رپيا جيڪو ڪل ڳاڻيٽي جو 28 سيڪڙو آهي. واٽر سيڪٽر لاءِ رکيل رق?? 100 ارب رپيا (11 سيڪڙو) آهي. توانائي جي شعبي ۾ رکيل رق?? 89 ارب رپيا (رکيل رق?? جو 9 سيڪڙو)، فزيڪل پلاننگ اينڊ هائوسنگ لاءِ ڄا??ايل رکيل رق?? 43 ارب رپيا آهي. هن چيو ته پاڪستان جي مختلف علائقن جي متوازن ترقيءَ لاءِ 108 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، جن مان 57 ارب رپيا ڪي پي ڪي جي ضم ٿيل ضلعن لاءِ، 32.5 ارب رپيا آزاد ڄمون ڪشمير ۽ 28.5 ارب رپيا گلگت بلتستان لاءِ رکيا ويا آهن ته جيئن انهن علائقن جي ترقيءَ کي ملڪ جي ٻين علائقن جي ويجهو آڻي سگهجي.
مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ ۾ 80 سيڪڙو تڪميل وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ تي توجهه ڏني ويندي: سينيٽر اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز