پيانگ يانگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا بين البراعظمي بيلسٽڪ ميزائل ??و تجربو ڪيو آهي. ٻئي طرف آمريڪا ان تجربي جي مذمت ڪندي اُتر ڪوريا تي زور ڀريو ??هي ته هو وڌيڪ غير قانوني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪندڙ ڪاررواين کان پاسو ڪري. پرڏيهي م??ڊيا موجب جاپان جي دفاع واري وزير جنرل نڪاتاني چيو ??هي ته ميزائل ??وڪوشيري ٻيٽ جي اولهه ۾ تقريبن 300 ڪلوميٽرن جي م??اصلي تي ڪِريو آهي. هن وڌيڪ چيو ته هي اُتر ڪوريا طرفان لانچ ڪيل هاڻي تائين ڪنهن به ميزائل ??ي ڊگهي ترين اُڏام آهي. ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي عملدارن اُڏام جي وقت جو ڪاٿو 87 منٽ لڳايو جنهن دوران هي م??زائل هڪ هزار ڪلوميٽر اُفق تي اُڏام ڪندي 7 هزار ڪلوميٽرن جي بلنديءَ تائين پهتو. اُتر ڪوريا جي سرڪاري خابرو ايجنسي م??جب دفاع واري وزارت جي ترجمان ڪ??لهه جاري بيان ۾ ان تجربي کي اهم قرار ڏيندي چيو ??هي ته هي تجربو اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ جي حڪمن تي ڪيو ويو آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته ميزائل لانچ ڪرڻ اُتر ڪوريا جي اسٽريٽجڪ ميزائل ??لاحيت جي هاڻوڪي رڪارڊ کي بهتر بڻايو ??هي ۽ اهو اُتر ڪوريا جو دنيا جي سڀ کان طاقتور اسٽريٽجڪ ڊيٽرنٽ جي جدت ۽ ساک جو اظهار آهي. ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف اُتر ڪوريا جي م??زائل ??جربي جي تصديق ڪندي چيو ته ميزائل لانچ ڪرڻ کانپوءِ تيز رفتاري سان هڪ هزار ڪلوميٽر اُفقي ۽ 7 هزار ڪلوميٽر عمودي سفر ڪيو جيڪا هاڻي تائين اُتر ڪوريا طرفان فائر ڪيل ڪنهن به ميزائل ??ي ڊگهي ترين اُڏام آهي. آمريڪا جي انڊو پيسفڪ ڪمانڊ ان تجربي جي مذمت ڪندي اُتر ڪوريا تي زور ڀريو ته هو وڌيڪ غير قانوني ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ لاءِ اهڙين ڪ??ررواين کان پاسو ڪري. اُتر ڪوريا ان قسم جو آخري تجربو ڊسمبر 2023ع ۾ ڪيو هو، جڏهن ان جو فائر ڪيل ميزائل 72 منٽن جي اُڏام دوران تقريبن هڪ هزار ڪلوميٽرن جو مفاصلو طئي ڪيو هو.
اُتر ڪوريا پاران 7 هزار ڪلوميٽرن جي بلنديءَ تائين پهچندڙ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل جو تجربو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ