گڏيل قومون- 20 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته دنيا ۾ تيز رفتاري آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديلين سبب نوجوانن جو مستقبل مخدوش ٿي ر??يو آهي، صورتحال برقرار رهي ته 2050ع تائين انهن جي ??شڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيند??. ا?? ايف پي گڏيل قومن جي اداري اطفال يونيسيف جي سالياني رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته عالمي سطح تي ٿيندڙ آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديليون نوجوانن جي ??ستقبل لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي رهيون آهن. 2050ع تائين ان جي ??تيجي ۾ ٻارن کي م??حولياتي ۽ آن لائن سميت بيشمار بحرانن کي منهن ڏسڻو پوندو. يونيسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل هڪ بيان ۾ چيو ته موسمياتي تبديلين کان وٺي آن لائن خطرن تائين جا بيشمار بحران درپيش آهن ۽ اهي ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪرڻ وارا آهن، اها صورتحال نوجوانن جي ترقي خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ خطرناڪ آهي. رپورٽ ۾ 2050 تائين ٽن وڏن رجحانن جي ??شاندهي ڪئي وئي جيڪي غير متوقع سببن کانسواءِ ٻارن لاءِ خطرن جو سبب آهن. پهريون خطرو آبادياتي تبديلي آهي جنهن ۾ ٻارن جو انگ 2.3 بلين جي ??وجوده انگ اکرن جي برابر رهڻ جو امڪان آهي. سمورن خطن ۾ ٻارن جو تناسب گهٽ ٿي ويندو پر انهن جو انگ غريب ترين علائ??ن ۾ خاص طور تي آفريقا ۾ وڌندو.
تيز رفتار آبادياتي، موسمياتي ۽ فني تبديلين سبب نوجوانن جو مستقبل خطري ۾ آهي، 2050ع تائين انهن جون مشڪلاتون وڌيڪ وڌي وينديون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا