گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي)گڏيل قومن اسرائيل جي يمن جي شهر صنعا تي حملي کي ڳڻتي جوڳو ۽ حوثين سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ??يڊيا موجب اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش هڪ بيان ۾ چئي آهي. هن چيو ته اسرائيل ۽ يمن جي حوثين وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ صنعا جي عالمي هوائي اڏي احمر سمنڊ جي بندرگاهن ۽ يمن جي پاور اسٽيشنن تي اسرائيلي هوائي حملو ڳڻتي جوڳو آهي. پرڏيهي ??يڊيا موجب خميس ڏينهن اسرائيل جي صنعا ايئرپورٽ تي حملن دوران صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جو ا??واڻ ٽيڊروس ايڊهانوم گيبريس اتي موجود هيو جڏهن ته هو ان حملي ۾ ذري تان بچي ويو ان کان پوِ هن چيو ته ايئرپورٽ تي حملي ۾ انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان ٿيو پر هو محفوظ رهيا. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ صحت جي عالمي اداري جي اڳواڻ لکيو آهي ته اسان جي ج??از جي عملي جو هڪ فرد زخمي پڻ ٿيو آهي.
اسرائيل پاران يمن جي شهر صنعا تي حملو مذمت جوڳو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز