اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر سرتاج عزيز چيو آهي ته 21 مئي تي بلوچستان ۾ آمريڪا طرفان ڪيل ڊرون حملو بدقسمتي هئي ۽ ان عمل سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ اعتماد سازي وارن لاڳاپن کي سخت ڌڪ رسيو آهي. هن چيو ته ڊرون حملي جنهن ۾ افغان طالبان جو اڳواڻ ملا منصو?? مارجي ويو هو، سان افغانستان ۾ جاري امن عمل پڻ سخت متاثر ٿيو آهي ۽ ان قدم جا ڏور رس ا??ر ظاهر ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان کي آمريڪا جي انهيءَ ڊرون حملي جي پهلوئن بابت ڪا يقيني ڄاڻ ناهي پر ان حملي ان مثبت بجاءِ منفي اثر ٿيندا. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي آمريڪا جي دوري ۽ ايٽمي سپلائرز گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪوششن ۽ آمريڪا جي ڀارت ڏانهن وڌندڙ لاڙي بابت سوال تي سرتاج عزيز چيو ته ان عمل سان علائق??ئي اسٽريٽجڪ توازن متاثر ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی