اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چٽن لفطن ۾ چيو آهي ته ڪنهن جارحيت يا لائين آف ڪنٽرول جي خلاف ورزي جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي عوام ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو، پوري قوم هٿياربند فوج س??ن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، ملڪ جي دفاع لاءِ قوم جو ٻچو ٻچو تيار آهي، ڪنهن کي به پاڪستان جي سرزمين ڏانهن ميري اک ??ان ڏسڻ جي اجازت نه ڏني ويند??، امن لاءِ پاڪستان جي عزم کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪ??دي چئي. وزيراعظم چيو ته ا??ان پنهنجون توانائيون عوام جي ڀلائي ۽ تعمير ۽ ترقي تي خرچ ڪرڻ چاهيون ٿا، غربت ۽ بي روزگاري جو خاتمو ۽ عوامي ترقي ۽ خوشحالي جي منزل حاصل ڪرڻ جو ا??ان جو عزم آهي جنهن جي لاءِ ا??ان سرگرم آهيون.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ