اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جو فيصلو نه آهي، سپر??م ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڏيندي، جي آءِ ٽي رپورٽ هٿرادو، اڻ تصديق ٿيل آهي، جي آءِ ٽي سفارشون سپر??م ڪورٽ تي لاڳو نه ٿيون ٿين، وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ شريف فيملي اعليٰ عدليه مان به سرخرو ٿيندي. سپر??م ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ سپر??م ڪورٽ جو فيصلو نه آهي ۽ نه ئي جي آءِ ٽي جون سفارشون سپر??م ڪورٽ تي لاڳو ٿين ٿيون. هن چيو ته اهي دستاويز جيڪي تصديق ٿيل نه آهن انهن جي توثيق ڪير ڪندو، ان جي ابت?? شريف خاندان پاران پيش ڪيل سمورا ڪاغذ تصديق ٿيل آهن.
مضمون کا ماخذ : ریل رش