اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه چڙي ڪوٽ سيڪٽر ۾ لائين آف ??نٽ??ول جو دورو ڪيو. آزاد ڪشمير جو وزيراعظم راجا فاروق حيدر پڻ ان موقعي تي موجود هو. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب جنرل آفيسر ڪمانڊنگ وزيراعظم کي لائين آف ??نٽ??ول تي صورتحال، ڀارت پاران سيزفائر جي خلاف ورزيون ڪندي شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ پاڪ فوج پاران پي??يو??راڻي انداز ۾ منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم بيگناهه شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڀارتي غيرپي??يو??راڻي اپروچ جي مذمت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي لاءِ پنهنجي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. ڀارتي گولاباري سبب شهيد ٿيندڙن جي خاندانن ۽ زخمين سان ملاقات ڪندي وزيراعظم انه جي حوصلي ۽ عزم کي ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری