اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر جوڪو ويدودو پنهنجو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري روانو ٿي ويو. صدر ممنون حسين انڊونيشين پنهنجي هم منصب ۽ خاتون اول ايريانا ويدودو کي رخصت ڪيو. انڊونيشيا جي ص??ر جمعي ڏينهن وزيرن ۽ ڪاروباري برادري تي ٻڌل هڪ وفد سان گڏ پاڪستان پهتو هو. نور خ??ن ايئربيس تي معزز مهمانن کي الوداع ڪرڻ جي موقعي تي ص??ر ممنون حسين سان گڏ خاتون اول بيگم محموده ممنون حسين، وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سينيٽر عائشه رضا ۽ پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina