ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي، اسان تبديل ٿينداسين ته پوءِ عوام ۾ تبديلي ايندي، جڏهن ائين ٿيندو ته ڊيم به ٺهندا، قرض به لهندا ۽ هي ملڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ديامر ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪنداسين. هو ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڊيمز جي لاءِ فنڊ ريزنگ جي تقريب کي خطاب ڪر?? رهيو هو جنهن ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، ??فا??ي وزير ۽ وڏي انگ ۾ سرندي وارن ماڻهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ڊيمز فنڊ جي لاءِ وڏي رقم عطيو ڪئي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ??اڻ?? تي جڏهن کيس بريفنگ ڏني وئي ته خيال آيو ته پاڪستان ۾ ??اڻ?? ذخيرن جي ڪيتري ضرورت آهي، ماضي ۾ ا?? طرف ڪو ڌيان نه ڏنو ويو، پاڪستان ۾ ??اڻ?? تي سڀ کان وڌيڪ ڪم هڪ آمر ايوب خان جي دور ۾ ٿيو، ان سان پاڪستانين کي سستي بجلي ملي جڏهن ته بعد ۾ اسان سستي بجلي جي ذريعن کي ڇڏي مهانگي بجلي طرف هليا وياسين ۽ ??اڻ?? ذخيرن تي ڪو ڌيان نه ڏنو.
تبديلي مٿان کان هيٺ ايندي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا