اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪ جو افتتاح ڪيو. هن پدري وائلڊ لائيف گيم رزارٽ سوهاوه ۾ زيتون جو ٻوٽو هنيو. وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سندس ويزن ۽ قومي ٽوئرازم اسٽريٽجي 2030ع تحت سڄي ملڪ ۾ تاريخي ۾ قومي ??رث?? جي حوالي سان اهم جاين جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي جنهن سان ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جو تحفظ اسان جي تاريخ ۽ قومي ??رث?? کي اجاگر ڪري سگهجي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪس ڇهه پروٽيڪٽيڊ ايرياز ۾ شامل آهن. ڇهه پروٽيڪٽيڊ ايرياز ۾ انهن نيشنل پارڪس کانسواءِ خيري مورت نيشنل پارڪ، ڇنجي نيشنل پارڪ، نمل ويٽ لينڊ ۽ چشما ويٽ لينڊ ريزروز شامل آهن. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سالٽ رينج ايڪالوجي ۽ هريٽيج پروينشن پ??ان 7 مرحلن تي ٻڌل آهي انهن مان اڄ پهرين مرحلي جي شروعات ڪئي پئي وڃي. عملدارن پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سالٽ رينج اهڙو تاريخي قدرتي ثقافتي ??رث?? آهي جيڪ?? اڃا تائين دنيا جي نظرن کان اوجهل آهي. ٻڌايو ويو ته 300 ڪلوميٽر ڊگهو علائقو اڪالوجيڪل، بيالوجيڪل ڪلچر هيريٽيج ڪوريڊور ۽ مختلف مذهبن جي تاريخي جاين جي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هي علائقو قديم تاريخي ??رث?? ۽ قيمتي ٻيلا رکندڙ آهي جنهن ۾ وڏو انگ جهنگلي زيتون جو آهي. خطي ۾ پري هندو ازم کان وٺي ٻڌمت يونان گکڙ ۽ مغليه دور جي لاتعداد آثار سان مالامال آهي. بابا گرو نانڪ سڪندر اعظم ۽ ٻين اهم شخصيتن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان پاران ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪ جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ