اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??و عزم آهي ته ان کي پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن جو پيڇو ڪرڻو آهي، مهانگائي جي خلاف هن جهاد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شفاف چونڊن جي لاءِ اسان قدم کڻنداسين، معيشت جي استحڪام کانپوءِ ان ??ا ثمر هاڻي غريب عوام کي ملندا، پئسي ۽ ڌوئنس جي سياست ڪندڙ عوام جي مفاد بدران پنهنجي ڪاروبار ۽ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ريليف جي لاءِ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، عمران ??ان کي اقتدار عزيز نه آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان قومي اسيمبلي مان ??عتماد جو ڀرپور ووٽ ورتو، تحريڪ انصاف جمهوريت تي يقين رکي ٿي، وزيراعظم عمران ??ان ۽ تحريڪ انصاف جي سياست اقتدار ۽ اصولن تي آهي، اهو ئي سبب آهي جو جڏهن سينيٽ ۾ جنرل سيٽ تي پئسو لڳائي پي ڊي ايم جو اميدوار کٽي ويو ته وزيراعظم عمران ??ان ??يوان مان ??عتماد جو ووٽ وٺڻ جو دليراڻو فيصلو ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ اهي قوتون شامل آهن جن هن ملڪ جي اخلاقي قدرن کي برباد ڪيو هي پئسي مفادن، ڌوئنس ۽ لالچ تي 1985ع کان ??ياست ۾ آيا، انهن کي ڪير سڃاڻيندو ئي نه هو، انهن سياست ۾ رشوت، پئسو ۽ مفاد کڻي اهڙي گروهه کي مٿي چاڙهيو جيڪو پاڪستان ??ي پاڙن ۾ ويهي رهيو، ادارن کي کوکلو ڪيو، ميرٽ جو قتلام ڪيو، پئسي جي زور تي پنهنجا هدف ح??صل ڪرڻ انهن جو مشن هو، انهن جي حڪومتن ۾ ملڪ معاشي، اخلاقي، سماجي ۽ جمهوري طور تي ڪنگال ٿيو. اطلاعات واري وزير چيو ته پارليامينٽ جو مقصد عوام جي مفادن جو تحفظ آهي، ذاتي مفادن جو نه. هي ٽولو ڪهڙي طرح پنهنجي خلاف قانونسازي ڪندو، انهن پارليامينٽ کي ذاتي مفاد جي لاءِ استعمال ڪيو، اقتدار ۾ اچي انهن اربين رپين جون ملڪيتون ٺاهيون. هڪ پارٽي روٽي، ڪپ??ا، مڪان ??و نعرو لڳايو جڏهن ته ٻئي طرف نواز شريف ۽ سندس حواري آهن جن جي ڪرپشن جا داستان ??ام آهن. انهن سياست کي ڪاروبار جي لاءِ استعمال ڪيو. انهي سوچ ۽ طرزعمل وارن کي پاڻ سان گڏ آندو جيڪي جمهوري عمل کي استعمال ڪندي ذاتي مفاد کڻندا رهيا. هن چيو ته 1997ع ۾ پاڪستان ??حريڪ انصاف جي اسيمبلي ۾ ڪا سيٽ نه هئي، 2001ع ۾ هڪ جڏهن ته 2008ع جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو، 2013ع ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ٺهي، 2018ع ۾ وفاق ۾ پي ٽي آءِ کي اڪثريت ملي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي عوام ڪارڪردگي بنياد تي ٻيهر چونڊيو، اڄ 2021ع ۾ سينيٽ ۾ به تحريڪ انصاف وڏي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.
وزيراعظم عمران خان جو عزم آهي ته ان کي پاڪستان کي نقصان پهچائيندڙن جو پيڇو ڪرڻو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado