اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي وصولي تي قومي احتساب بيورو جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته معاشري مان بدعنواني جي خاتمي، شفاف گورننس ۽ احتساب جي فروغ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا وڃن، بدعنواني کان پاڪ پاڪستان جي ويزن جي پڄاڻي لاءِ احتساب سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، هو نيب ??ي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي، ان موقعي تي نيب ??ي چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال صدر کي ??ال 2020ع بابت نيب جي رپورٽ پيش ڪئي، هن نيب جي ڪارڪردگي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نيب ??ال 2020ع ۾ 24 هزار 706 شڪايتون مليون، ان دوران گذريل ??ال جي شڪايتن سميت مجموعي طور تي 30 هزار 405 شڪايتون اڪلايون ويون، ??ن چيو ته نيب 878 شڪايتن جي توسيع تي ڪارروائي ڪئي، جڏهن ته 369 انڪوائريز ۽ 175 انويسٽيگشنز ڪيون ويون، ان کانسواءِ گذريل ??ال احتساب عدالتن ۾ 136 ريفرنس داخل ڪيا ويا، نيب چيئرمين چيو ته ??ال 2020ع دوران پراسيڪيوشن ڪاميابي جو مجموعي تناسب 66 سيڪڙو رهيو، صدر ??ال 2020ع ۾ 323 ارب روپين جي رڪوري ڪرڻ تي نيب جي واکاڻ ڪئي.
صدر پاران نيب ڪارڪردگي جي ساراهه
مضمون کا ماخذ : گرم گرم