دوشنبي – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان چيني پرڏيهي وزير وانگ يي ملاقات ڪئي، اها ملاقات هتي شنگهائي تع??ون تنظيم جي سربراهه اجلاس جي ??وقعي تي ٿي. ملاقات ۾ پاڪ چين ٻطرفي لاڳاپن، سي پيڪ ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ملاقات ۾ چين جي صدر ۽ وزيراعظم لاءِ نيڪ خواهشن پيغام ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين هڪٻئي جي گهڻو ويجهو ۽ تزويراتي حصيدر آهن. هن ڪووڊ – 19 جي ??با دوران چين پاران پاڪستان سان تع??ون کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ هڪ قسمت بدلائيندڙ منصوبو آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي جلد تڪميل لاءِ ڪوشان آهن، وزيراعظم چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي ??اءِ گهڻو ضروري آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ تما?? گهڻو تع??ون ڪيو آهي، پاڪستان ۽ چين هڪ جامع علائقائي ايپروچ لاءِ افغانستان جي 6 پاڙيسري ملڪن جو اجلاس گهرائڻ لاءِ گ??جي ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته عالمي برادري کي افغان عوام جي ??دد لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۽ معيشت جي ??ضبوطي لاءِ قدم کڻڻا پوندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطحي مٽاسٽا جاري ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجها رابطا هموار رکندا.
وزيراعظم سان چيني پرڏيهي وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔