اس??ام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمعيت علماءِ اس??ام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم هائوس ??چڻ تي مولانا فضل الرحمان جي شاندار آجيا?? ڪئي. مولانا فضل الرحمان شهباز شر??ف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي خراج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ ره??دي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف سان مولانا فضل الرحمان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔