اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهب??ز شريف چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي، پاڪستان جي هٿياربند فو?? امن، داخلي ۽ خارجي سلامتي ۽ علائقائي استحڪام جي ضامن آهي، عالمي امن ڪوششن ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هو ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪ فو?? جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي. بعد ۾ وزيراعظم شهب??ز شريف ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪورس 2021 / 2022 ۾ شرڪت ڪندڙ آفيسرن کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي و??يراعظم شهب??ز شريف پاڪستان جي هٿياربند فو?? جي ڪاميابين ۽ قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون بي مثال آهن جنهن جو سڄي دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي. هٿياربند فو?? قدرتي آفتن دوران قوم ??ي خدمت ۾ سدائين ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم شهب??ز شريف چيو ته پاڪستان جي هٿياربند انتهائي اهم رياستي ادارو آهي ۽ قوم ??و فخر آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته ملڪ جو دفاع مقدس آهي، پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ سالميت کي هر صورت يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته اسان جي آزادي هيروز ۽ شهيدن جي عظيم قربانين جي مرهون منت آهي.
دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جون ڪاميابيون مثالي آهن جنهن جو دنيا ڀرپور اعتراف ڪري ٿي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena