اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان ملاقات ۾ ٻن نقطن تي ڳالهه ڪئي. هڪ اهو ته تمام وڏي پئماني تي ٻوڏ جي چئلينج ۾ اسان کي يڪجهتي جي ضرورت آهي ۽ ٻيو ان عزم جو اظهار ڪيو ته سموري ملڪي ۽ عالمي امداد ۽ معاونت جي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان آڊٽ ڪرائي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته قومي ميڊيا جي تنظيمن سان هڪ پرجوش ملاقات هينئر ختم ٿي آهي جنهن ۾ انهن کي ٻوڏ جي ڪاٿي، ان جي نقصانن، ريسڪيو ۽ ريليف جي موجوده صورتحال ۽ ايندڙ نئين سر تعمير جي چئلينجز تي تفصيلي ڳالهه ٿي. هن ??يو ته منهنجي انهن سان ڳالهه ٻ??لهه جو محور ٻن بنيادي نقطن تي هو، هڪ اهو ته ان ٻوڏ جي ڪاٿي کي ڏسي اسان کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هي وقت آهي ته سياست کي هڪ طرف ڪري ٻوڏ متاثرين جي مدد اسان جي ترجيحن ??و مرڪز هجڻ گهرجي. هن ??يو ته منهنجو ٻيو نقطو اهو هو ته منهنجو عزم آهي ته مقامي ۽ عالمي سطح تي ملندڙ امداد ۽ معاونت جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي.
ملڪي ۽ عالمي امداد جي آڊٽ آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ عالمي آڊٽ فرمز کان ڪرائي ويندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa