اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ش??باز شريف جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم ڪري ڇڏي?? آهن. وزيراعظم آفيس جي ميد??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ش??باز شريف جو بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شآگردن جي لاءِ وڏو تحفو آهي. وزيراعظم اهو قدم بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي اعليٰ تعليم جي حوصلا افزائي جي لاءِ کنيو آهي. قدم جو مقصد قومي اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري جي فضا جو فروغ آهي. اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جا شاگرد مفت تعليم حاصل ڪندا. بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي پئڪيج بابت باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شاگردن جا 50 سيڪڙو تعليمي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي. شاگردن جي 50 سيڪڙو فيس اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور اداڪندي. وزيراعظم جي هدايتن تي يونيورسٽي مان ڪڍ??ا ويندڙ شاگرد به بحال ڪ??ا وي?? آهن. لاڳاپيل شاگردن کي يونيورسٽي پاران جاري نوٽيس پڻ واپس ٿي ويو. وزيراعظم ش??باز شريف اهڙي طرح جون سهولتون پنجاب جي وڏي وزير طور شاگردن کي ڏ??يون هيون.
وزيراعظم جي هدايت تي اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور پاران بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ تعليمي خرچ ختم
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔