شرم الشيخ / اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ا??ان بحران تي ضابطو آڻڻ جي حوالي ??ان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جا منتظر آهيون، ٻوڏ جي تباهي تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل ۽ دستياب وسيلن ۾ فرق تمام وڌي?? آهي جڏهن ته پاڪستان موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلي ??ان سڀ کان وڌيڪ متاثر مل?? آهي، عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي ۽ بحالي جي قدمن کي ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ته جيئن بري طرح متاثر آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. وزيراعظم محمد شهباز شريف مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ ڪوپ – 27 عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي گڏيل قومن جي ماحولياتي تبديلي بابت اداري جي اهتمام هيٺ ”عملدرآمد جي لاءِ سڀ هڪ“ جي موضوع تي منعقد تقريب کي پاڪستان جي قومي بيانيي جي حوالي ??ان خطاب ڪندي چيو ته ڪاربن جي اخراج ۾ گهٽتائي جي گڏيل حڪمت عملي جي لاءِ ٺوس پاليسيز جي عالمي سطح تي ضرور?? آهي، ڪاربن جي اخراج ۾ مسلسل ??ضافو ا??ان جي بحالي جي قدمن کان تيز تر آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن جو ڌيان ڇڪرائيندي ان يقين جو اظهار ڪيو ته توهان سڀ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت آگاهه هوندا. جنهن ??ان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن جيڪي ٽن يورپي ملڪن جي آبادي جي برابر آهن، متاثرين ۾ عورتن ۽ ٻارن جو انگ اڌ کان وڌي?? آهي. هن چيو ته ملڪ جي ڏکڻ ۾ معمول جي برساتن جي ڀيٽ ۾ 7 ڀيرا برساتون وڌيڪ ٿيون آهن، ا??ان جا گليشيئرز تيزي ??ان پگهري رهيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ 8 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ پڪا رستا لڙُهي ويا جڏهن ته 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ ريلوي ٽريڪس کي نقصان پهتو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان ۾ 4 ملين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل ٻوڏ ??ان تباهه ٿي ويون. هن چيو ته ٻوڏ ??ان ملڪ جي چئني پاسي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ٻوڏ ??ان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر کان وڌي?? آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڪاربن جي عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو انتهائي معمولي حصو هجڻ جي باوجود ا??ان اهڙن نقصانن ۾ ورتل آهيون، ا??ان اهڙن عملن ۽ ان??ان جي پيدا ڪيل انهن بحرانن کان متاثر ٿي رهيا آهيون جن ۾ ا??ان جو ڪردار نه هجڻ جي برابر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون ترجيحون سدائين واضح رهيون آهن سڀ کان اڳ عالمي سطح تي هدفن جون ترجيحون طئي ڪرڻ جي ضرور?? آهي. ان جي لاءِ فنانسنگ ۽ نظام الاوقات جي هدفن جو تعين ضروري آهي، ا??ان بحران تي ضابطو آڻڻ جي حوالي ??ان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرڻ جا منتظر آهيون، ٻوڏ جي تباهين تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل ۽ دستياب وسيلن ۾ فرق تمام وڌي?? آهي جڏهن ته پاڪستان موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديلي ??ان سڀ کان وڌيڪ متاثر مل?? آهي. هن چيو ته عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي ۽ بحالي جي قدمن کي ڪوپ – 27 جي ايجنڊا ۾ شامل ڪري ته جيئن بري طرح متاثر آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي، پبلڪ فنانسنگ ۽ قرضن جي مشڪلاتن جي ڪري ماحولياتي تبديلين کان متاثر ٿيندڙ ملڪن بشمول پاڪستان کي پنهنجي وسيلن ??ان بحالي جي قدمن ۾ مشڪلاتون درپيش آهن ۽ ٽئين نمبر تي ڪلائميٽ فنانس جي تشريح جي ضرور?? آهي ته جيئن شفاف طريقي ??ان ماحولياتي تبديلي جي ازالي لاءِ گهربل ۽ اضافي وسيلن جي دستيابي يقيني بڻائي سگهجي جنهن ??ان اسرندڙ ۽ متاثر ملڪن ۾ بحالي جي سرگرمين ۾ تيزي آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته ا??ان کي واضح طور تي ماحولياتي تبديلي جي نقصانن ۽ ان حوالي ??ان ترقياتي فنڊز جو تعين ڪرڻ گهرجي. ماضي ۾ ان تي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ا??ان ڪيترن ئي سالن کان ان تي بحث ڪري رهيا آهيون پر بنيادي هدفن تي متفق نه ٿي سگهياسين. 2009ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ منعقد ڪوپ – 15 ۾ سال 2020ع تائين اربين ڊالرن جي وسيلن جي فراهمي جا واعدا اڃا تائين وفا ناهن ٿي سگهيا، انهن ۾ اضافي جي ضرور?? آهي، ماحولياتي تبديلي جي اثرن جي ڏس ۾ فنڊز جي فراهمي ۾ اضافو به ضروري آهي. وزيراعظم عالمي برادري کي متوجهه ڪيو ته گلوبل ڪلائميٽ رسڪ انڊيڪس ا??ان جي چوٿين ترجيح هجڻ گهرجي ۽ گڏيل قومن جي سربراهي ۾ ان حوالي ??ان قدم لازمي آهن. ان حوالي ??ان ماحولياتي فنانسنگ جي ڪاٿي ۾ اضافي ۽ تيز تر فراهمي جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي، ماحولياتي تبديلي جي متاثرين ۽ انهن جي بحالي جي هدفن جو واضح تعين ڪيو وڃي ته جيئن بار کي گڏيل طور تي برداشت ڪرڻ جي فارمولي تحت عملي قدم کڻي سگهجن ته جيئن گڏيل ذميوارين جي وقت سر ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ا??ان سڀني کي پيرس معاهدي تي عملدرآمد جا قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ٻين ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پاڪستان 2030ع تائين جي لاءِ مقرر هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قدم کنيا آهن. ا??ان پنهنجي ذميوارين کان پوري طرح آگاهه آهيون ۽ ا??ان ڪاربن جي اخراج جي خاتمي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٽيڪنالاجيز، فنانسنگ ۽ صلاحيت ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي ضرور?? آهي ته جيئن ماحولياتي تبديلي تي ضابطو آڻي سگهجي. اتر ۽ ڏکڻ ۾ موجود ان فرق کي ختم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي حوالي ??ان پنهنجي معلومات توهان ??ان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. ٻوڏ ??ان پاڪستان بري طرح متاثر ٿيو آهي، ا??ان کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پئجي رهي آهي، پام آئل ۽ مهانگي تيل ۽ گئس جي درآمد تي اٽڪل 30 کان 32 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيا آهيون. اهڙي طرح ا??ان پنهنجي دستياب وسيلن ??ان لکين متاثر خاندانن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ا??ان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 316 ملين ڊالر ??ان هر خاندان کي 113 ڊالر جي ادائيگي ڪري رهيا آهيون. جنهن ??ان ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 300 ملين جي لڳ ڀڳ خاندانن جي مدد ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سردي اچي رهي آهي لکين متاثرين جي لاءِ شيلٽرز، گهرن، علاج ۽ فوڊ پئڪيج جي ضرور?? آهي، ملڪ جي مختلف صوبن ۾ اربين رپيا پنهنجي وسيلن ??ان خرچ ڪري رهيا آهيون. هن تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي مخاطب ڪندي چيو ته تصور ڪريو ته هڪ طرف ا??ان کي عام ماڻهو جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرور?? آهي جنهن تي اربين ڊالر جا خرچ ڪيا پيا وڃن ٻئي طرف ا??ان کي ٻوڏ متاثرين کي وڌيڪ مشڪلاتن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ اربين ڊالر جي ضرور?? آهي، عالمي برادري ا??ان مان ڪيئن اميد رکي ٿي ته ا??ان پنهنجي محدود وسيلن ??ان ماحولياتي تبديلي کان متاثر ڪروڙين ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي بحالي جا قدم کڻي سگهون ٿا. هن چيو ته ا??ان مشڪل جي انهن لمحن ۾ مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون جنهن عطيا، خوراڪ، خيمن ۽ دوائن وغيره جي ذريعي ا??ان جي مدد ڪئي آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هي ڪانفرنس نه رڳو ان واضح پيغام کي سمجهندي پر مسئلن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪردار رکندڙ ادارن تائين به ا??ان جو آواز عالمي برادري تائين پهچائيندي. هن چيو ته ا??ان جي لاءِ ها??ي يا ڪڏهن به نه جي صورتحال آهي. عالمي برادري ماحولياتي تبديلي جي مسئلن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
اسان بحران تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جا منتظر آهيون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا