اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصو??ن جي ترويج تمام ضروري آهي. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن دائودي بوهرا برادري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي دائودي بوهرا ڪميونٽي جي روحاني پيشوا ڊاڪٽر سيدنا مفدل سيف الد??ن جي نمائندي ڪوميل يونس جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چي?? ته دائودي بوهرا برادري جي پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خدمتون آهن، دائودي بوهرا برادري هڪ پرامن جماعت آهي ۽ ان جا فلاحي جا ڪم متاثر ڪندڙ آهن. وزيراعظم چي?? ته مذهبي رواداري ۽ برداشت پاڪستان جي باني قائداعظم جا اهي پراڻا اصول هئا جيڪي پاڪستان جي بنياد جو حصو آهن ۽ پاڪستان جي موجوده پرڏيهي پاليسي انهن جي ئي مظهر آهي. هن چي?? ته معاشري ۾ موجود عدم برداشت جي خاتمي ۽ ڀائيچاري جي فروغ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم پاڪستان ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي بوهرا برادري جي ڪردار کي ساراهيو. هن دائودي بوهرا برادري کي ٻوڏ متاثر??ن جي مدد ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم کي پنهنجي سمورن منصوبن ۾ سولر توانائي جي استعمال بابت ٻڌايو جنهن جي صلاحيت 6 ميگاواٽ آ??ي، وزيراعظم انهن جي ان قدم کي ساراهيو.
پاڪستان جي ترقي جي لاءِ مذهبي رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي اصولن جي ترويج تمام ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil