اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل کي ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار ۽ وڏي پئماني تي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ سال 9 جنوري تي جنيوا ۾ موسمياتي تبديلين جي پاڪستان تي اثرن بابت عالمي ??ان??رنس جي گڏيل ميزباني ڪرڻ تي ان کي ساراهيو. پرڏيهي وزير ??ان??رنس ۾ اهم عطيو ڏيندڙن، ترقياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي شرڪت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي پاڪستان جي ٺوس منصوبي جي تجويزن جي حمايت جي لاءِ حوصلا افزائي تي سيڪريٽري جنرل سان مسلسل تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري جنرل جاري انساني امدادي ڪمن سان گڏوگڏ ڊگهي مدي واري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪمل حمايت ۽ تعاون کي ورجايو. سيڪريٽري جنرل چيو ته ??ان??رنس جي ڪاميابي ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير ان جي اولين تر??يح آهي. سيڪريٽري جنرل اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هڪ متفقه ۽ جامع حڪمت عملي ٺاهڻ جي لاءِ جي – 77 ۽ چين جي خصوصي وزارتي ??ان??رنس گهرائڻ جي پرڏيهي وزير جي وقت سر قدم کي پڻ ساراهيو.
بلاول ڀٽو زرداري جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ