ڪراچي – 15 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪ ??نش??رنس جي شعبي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان قدم سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو ۽ ان جي نتيجي ۾ معيشت مضبوط ٿيندي، سٺي ??نش??رنس ۽ بئنڪنگ مصنوعات ”بئنڪ ايشورنس“ جي شعبي ۾ ماڻهن جي اعتماد سان گڏوگڏ معيشت ۾ ليڪويڊيٽي ??ي ڪاٿي ۾ اضافو ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي. صدر اها ڳالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي ??نش??رنس محتسب جي اهتمام هيٺ ”بئنڪ ايشورنس ۾ شفافيت ۽ محتسب ??ي ڪردار“ جي عنوان سان منعقد ڪانفرنس دوران چئي. ڪانفرنس ۾ وفاقي بئنڪنگ محتسب ڪامران شهزاد، وفاقي ??نش??رنس محتسب خاور جميل، چيئرمين ??نش??رنس ايسوسيئيشن آف پاڪستان محمد حسين هرجي، بئنڪنگ ۽ ??نش??رنس انڊسٽري جي عهديدارن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته اهو رياست جو فرض آهي ته اها بئنڪنگ ۽ ??نش??رنس انڊسٽري کي ترقي ۽ شفافيت آڻڻ جي لاءِ هڪ ريگيوليٽري فريم ورڪ فراهم ڪري. هن ??نش??رنس انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها چيڪ اينڊ بيلنس ۽ فلٽرنگ مڪينزم کي بهتر بڻائي ۽ پاليسي هولڊرز کي ??نش??رنس پاليسيون جاري ڪرڻ کان اڳ مناسب احتياط ڪري، ان کانسواءِ ??نش??رنس ڪليمز کي وقت سر ۽ شفاف طريقي سان ادا ڪيو وڃي. صدر وڌيڪ چيو ته ??نش??رنس سيڪٽر کي مضبوط بڻائڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي ۽ مل جي جي ڊي پي ۾ ??نش??رنس سيڪٽر جي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ ??نش??رنس سيڪٽر جو حصو هڪ سيڪڙو کان گهٽ آهي جڏهن ته ٻين علائقائي ملڪن ۾ اهو 3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. صدر چيو ته ??نش??رنس سيڪٽر عام ماڻهن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ مصنوعات پيش ڪري سگهي ٿو ??ه جيئن منافعو ڏيندڙ سيڙپڪاري جي لاءِ ماڻهن کي بچتن کي ترغيب ڏئي سگهجي ۽ معيشت کي سهارو ڏئي سگهجي. هن ملڪ جي دولت کي گردش ۾ رکڻ جي لاءِ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ رکيل رقم کي معيشت جي ٻين پيداواري شعبن ۾ منتقل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته فصل جي بيمي ۽ سماجي ??نش??رنس جهڙي نئين مصنوعات کي موجوده موسمي حالتن جي ڏس ۾ متعارف ڪرائڻ گهرجي. صدر چيو ته ??نش??رنس جي مصنوعات ۽ خدمتن تي ماڻهن جو اعتماد پيدا ڪرڻ جي لاءِ پاليسي وڪرو ڪرڻ وقت ماڻهن کي ??نش??رنس پاليسين بابت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته بيمي ۽ بئنڪنگ سيڪٽر جي سيلز فورس پاران فيئر پلي جي ذريعي صارفين جو اعتماد کٽڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل اختيار ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي ??نش??رنس محتسب خاور جميل شرڪت ڪندڙن کي اداري ??ي ڪارڪردگي ۽ ترقي بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته گذريل سال دوران شڪايت ڪندڙن کي 2.57 ارب رپين جي لاڳت جو مالي ريليف فراهم ڪيو ويو، اهو وفاقي ??نش??رنس محتسب ۾ تڪرارن جي دوستاڻي حل ۽ شڪايتن جي ازالي جي موثر نظام جي ذريعي ممڪن ٿيو آهي. ان کان اڳ صدر متاثرين ۾ چيڪ پڻ ورهايا.
سيڙپڪاري ۾ اضافي ۽ معيشت مضبوط لاءِ بئنڪ انشورنس جي شعبي ۾ وڌيڪ شفافيت آڻڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز