اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ ح??و وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ اليڪسن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪ??دا??ين، اطلاعات ۽ نشري??ت واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن خيبرپختونخواهه جي اطلاع??ت واري نگران وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جي انفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاع??ت واري نگران وفاقي وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي استعمال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن بابت تربيت جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاع??ت واري وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن دور ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اطلاع??ت واري وزارت خيبرپختونخواهه جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪ??دا??ين. هن چيو ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ ح??و وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن جي ڀلائي لاءِ قدم لازمي آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاع??ت واري نگران صوبائي وزير فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواهه جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائي??دا??ين. فيروز جمال شاهه چيو ته خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. اطلاع??ت واري نگران وفاقي وزير خيبرپختونخواهه جي اطلاع??ت واري کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.
سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڌنا ويندا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین