اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو سفير آصف دراني 18 ۽ 19 فيبروري تي قطر جي گادي واري شهر دوحه ۾ افغانستان جي لاءِ خصوصي ايلچين جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اهو اجلاس گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران گهرايو ويو آهي ته جيئن افغانستان سان عالمي مشغوليت جي طريقن تي وڌيڪ ٺوس ۽ منظم انداز ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي. بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ خوشحال?? جي لاءِ ??وش??ن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان فعال طور شامل ٿيڻ جي اسان جي ??وش??ن جو حصو آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم