اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رمضان المبارڪ اسان کي ا??له تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي بندگي ۾ سرشار ٿي هڪ مث??لي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو ڏي ٿو، هي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن. رمضان المبارڪ 1445هه / 2024ع شروع ٿيڻ تي قوم جي ن??لي پيغام ۾ صدر چيو ته آ??ون رمضان المبارڪ جي رحمتن ۽ مغفرتن سان ڀرپور مهينو شروع ٿيڻ تي پوري پاڪستاني قومي ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، رمضان المبارڪ اسان کي ا??له تعاليٰ جي فرمانبرداري ۽ ان جي بندگيءَ ۾ سرشار ٿي هڪ مث??لي مسلمان بڻجڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو، مسلمان هن مهيني ۾ ا??له جي حڪمن تي عمل ڪري پاڻ کي تقويٰ سان مزين ڪرڻ جي لاءِ عبادتن ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا ۽ ا??له تعاليٰ جي رحمت ۽ ڪرم سان گناهگارن کي مغفرت ملي ٿي. هن چيو ته ا??له تعاليٰ قرآن حڪيم ۾ فرمائي ٿو ته هن مسلمانن تي روزا ان جي لاءِ فرض ڪيا ته جيئن اهي پرهيزگار بڻجي سگهن، رسول ا??له ﷺفرمايو ته جيڪو شخص روزو رکي ڪوڙ ۽ بدعملي کان نٿو رڪجي، ا??له تعاليٰ کي ان جي بک ۽ اُڃ جي ضرورت نه آهي، اهي ارشادات اسان کي ان ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته روزو ا??له تعاليٰ جي حڪم تي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن گناهن کان بچڻ جو نالو پڻ آهي، غيبت، گارگند، مڪرو فريب، رشوت، وياج خوري، ذخيره اندوزي، ملاوٽ ۽ بدنظري جهڙن گناهن کان بچي ئي تقويٰ حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. صدر چيو ته هي مبارڪ مهينو امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام پڻ کڻي اچي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ اسان جي اها تربيت به ٿئي ٿي ته اسان معاشري جي غريبن، مسڪينن، يتيمن، لاچار ۽ ڪمزور طبقن جو احساس ڪندي انهن جي مدد ڪريون، آ??ون رمضان المبارڪ جي مبارڪ موقعي تي سرنديءَ وارن ماڻهن کي درخواست ڪريان ٿو ته اهي وڌي چڙهي زڪوات، صدقا ۽ خيرات ادا ڪن، پنهنجي سگهه کان وڌيڪ غريبن، مسڪينن ۽ ضرورتمندن جي م??لي مدد ڪن ۽ ان سلسلي کي سڄو سا?? جاري رکن. هن چيو ته آ??ون هي مبارڪ مهينو شروع ٿيڻ تي عالمي دنيا ۽ مسلمان امت کي اپيل ڪريان ٿو ته اها مظلوم فلسطينين جي پڻ مدد ڪري ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي ۽ معصوم فلسطينين جي نسل ڪشي روڪرائڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي. هن دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.
رمضان المبارڪ امت جي وچ ۾ همدرديءَ، ايثار، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي اچي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena