اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم جي ڪميٽي کي عدالتي سڌارن جي لا??ِ آئيني ۽ قانوني ??رميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آه?? ته عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي، پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع ن??من جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قانوني ۽ عدالتي سڌارن جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو. ڪميٽي ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سپريم ڪورٽ بار جي صدر شهزاد شوڪت، پاڪستان بار ڪائونسل جي نمائندي احسن ڀون، قانون واري اڳوڻي وزير زاهد حامد، سينيئر قانوندان شاهد حامد ۽ اٽارني ??نرل منصور اعوا?? شامل آهن. وزيراعظم ڪميٽي کي عام ماڻهو جي سهولت لاءِ سول ۽ فوجداري قانونن ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ عدالتي سڌارن جي لا??ِ آئيني ۽ قانوني ??رميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته خواهش آه?? ته ماڻهن کي جلد ۽ آساني ??ان انصاف فراهم ٿي سگهي. هن ڪميٽي کي هدايت ڪئ?? ته ٽيڪس جي معاملن کي عوام خاص طور تي ڪاروباري طبقي جي لا??ِ آسان بڻايو وڃي. وزيراعظم ڪميٽي کي ٽيڪس اوڳاڙين جي نظام کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قانوني ??جويزون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2400 ارب رپين کان وڌيڪ جي ٽيڪس اوڳاڙين جو عدالتن ۽ ٽربيونلز جي منع ن??من جي ڪري التوا ۾ هجڻ ڳڻتي جوڳو آهي. وزيراعظم ڪميٽي کي مالي ۽ ٽيڪس معاملن تي 2 هفتن ۾ عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته ڪميٽي جي فراهم ڪيل رپورٽ سياسي اتحادين سان مشاورت کانپوءِ لاڳاپيل وزارتن ڏانهن موڪلي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران عدالتي سڌارن جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ترميمن جو پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر