اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته معاشي ترقي، ماڻه?? جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، حڪومت نوجوانن کي معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فراهمي جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم آبادي جي عالمي ڏينه?? جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان آبادي جي مسئل?? جي اهميت ۽ قومي ترقي تي ا?? جي گهري اثرن تي غور ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏ آهيون. پاڪستا?? جي آبادي، جنهن جو ڪاٿو هن وقت اٽڪل 24 ڪروڙ کان وڌيڪ ۽ ان ۾ 2.55 سيڪڙو جي بلند ترين شرح سان اضافو ٿي رهيو ۽ اندازو لڳايو ويو آهي ته پاڪستا?? جي آبادي 2030ع تائين 26 ڪروڙ 30 لک ۽ 2050ع تائين 38 ڪروڙ 30 لک ٿي ويندي. وزيراعظم چيو ته هن سال جي آبادي جي عالمي ڏهاڙي جو موضوع ”سڀني جي لاءِ هڪ لچڪدار ۽ برابر مستقبل جي لاءِ جامع ڊيٽا جي تياري“ آهي جيڪو پاڪستا?? جي لاءِ اسا?? جي ويزن جو عڪاس آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ته اسا?? جي پاليسين ۽ پروگرامن ۾ سڄي پاڪستان مان هر شخص، ڪميونٽي ۽ آواز کي شامل رکيو وڃي. جامع ڊيٽا اسان کي صحت ۽ تعليم کان وٺي معاشي موقعن ۽ سماجي تحفظ تائين انهن شعب?? جي نشاندهي جي قابل بڻائي ٿو جيڪي اسا?? جي ڪوششن جا گهرجائو آهن. وزيراعظم چيو ته معاسي ترقي، ماڻه?? جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۽ وسيلن ۽ آبادي جي ماپي جي وچ ۾ توازن پيدا ڪرڻ جي ??رو??ت آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي حڪومت کي مختلف ??رو??تن ۽ آبادي جي چئلينجز جو پوري طرح ادراڪ آهي. اسان هڪ اهڙي معاشي جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪم ڪري سگهون ٿا جتي پنهنجي وسيلن ۽ ترقي جي موقعن تائين برابر پهچ حاصل هجي. وزيراعظم چيو ته آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ 65 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي ٻڌل آهي ۽ آبادي جو اهو تناسب ملڪ جي لاءِ موقعن ۽ چئلينجز جو سبب آهي. هڪ طرف پاڪستان جا نوجوان معاشي ترقي، جدت ۽ سماجي ترقي کي اڳتي ??ڌا??ڻ جي بي پناهه صلاحيت رکن ٿا، ٻئي طرف نوجوان?? جي وڏي آبادي کي تعليم، روزگار ۽ سماجي انضمام جي حوالي سان پڻ چئلينجز درپيش آهن. اسا?? جي حڪومت تيزي سان اڀرندڙ عالمي معيشت ۾ مقابلو ڪرڻ جي لاءِ ان نوجوان نسل کي معياري تعليم ۽ هنر جي تربيت فراهم ڪرڻ جي پنهنجي ڪوششن ۾ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته اسان نوجوان?? جي لاءِ نوڪرين جا وسيع موقعا پيدا ڪري رهيا آهيون ته جيئن اهي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻي سگهن. وزيراعظم سمورين لاڳاپيل ڌرين، سرڪاري ادارن، سول سوسائٽي، نجي شعبي ۽ عالمي حصيدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي بهتر مستقبل جي لاءِ اسا?? جي ڪوششن ۾ هٿ ونڊائين. اسان هڪ اهڙو پاڪستان جوڙي سگهون ٿا جتي ماڻهن کي آبادي جي پائيدار واڌويجهه جي ذريعي عزت، سلامتي ۽ خوشحالي جي زندگي ميسر هجي.
معاشي ترقي، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائڻ ۽ غربت ۾ گهٽتائي جي لاءِ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر