اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته بلو??ست??ن ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سميت سامهون آڻينداسين، تخريبڪاري جا واقعا پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي سازش آهن. دشمن سوچيل سمجهيل منصوبي تحت ملڪ ۾ انارڪي پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو ته سيڪيو??ٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وقت سر ڪارروائي ڪري 12 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته بلو??ست??ن ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي لڪڻ جي جاءِ نه ملندي. گهرو وزير چيو ته بلو??ست??ن حڪومت سان رابطي ۾ آهيون. امن جي فضا برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا پي?? وڃن. بلو??ست??ن جي مختلف علائقن ۾ هڪٻئي پٺيان دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيدن جي وارثن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهيون، ڪو جيڪڏهن اهو سمجهي ٿو ته هن بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جي پختي عزم کي شڪست ڏئي سگهي ٿو ته اها ان جي ڀُل آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. بلو??ست??ن ۾ امن امان جي صورتحال کي مستقل بنيادن تي مانيٽر ڪيو پيو وڃي.
بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي جاچ کان پوءِ حقيقتون ثبوتن سان گڏ سامهون آڻينداسين: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی