اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آه?? ته ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آه??، سڀني کي گيس ڪنيڪشن ڏيون ته ڪنهن کي به گيس نه ملندي، اهي هائوسنگ سوسائٽيون جيڪي ايل اين جي خريدڻ لاءِ تيار آه?? انهن کي ايل اين جي ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آسيه ناز تنولي جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آه??، گيس پائيپ لائنز ۾ 7 کان 8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آه??، جيڪڏهن سڀني کي گيس ڪنيڪشن ڏيون ته ڪنهن کي به گيس نه ملندي، واحد رستو اهو آه?? ته اسان ٻاهران گُهرايل گيس فراهم ڪريون جيڪا مهانگي ٿئي ٿي ۽ ماڻهو ان کي خريدڻ لاءِ تيار نه آه??. نئيون هائوسنگ سوسائٽيون جيڪي ايل اين جي خريدڻ لاءِ تيار آه?? انهن کي ايل اين جي ڪنيڪشن ڏنا پيا وڃن. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسمگلنگ جو دفاع نه ڪرڻ گهرجي، اهو هڪ ناجائز ڪاروبار آه??. ملڪ جي قاعدن موجب ٻاهران شيءِ گُهرائڻ وارن کي واپاري ۽ غير قانوني طريقي سان شيءِ گُهرائڻ واري کي اسمگلر چيو وڃي ٿو. پيٽروليم شين جي اسمگلنگ کي روڪڻ جي سخت ضرورت آه??. سيد وسيم حسين جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته سموريون ڪمپنيون جيڪي غير معياري سلينڊرز استعمال ڪن ٿيون اها انهن جي مجرماڻي غفلت آه??، ان سان ماڻهن جي ح??اتين کي خطرو آه??. اوگرا کان اسان ان سلسلي ۾ فريم ورڪ به گُهريو ته ماڻهن جي ح??اتين جي تحفظ کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. رعنا انصار جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته اسان کي بي شمار تيل ۽ گيس جي ذخيرن کي ڳولڻ وارين ننڍين ننڍين ڪمپنين کي ادائگيون ڪرڻيون آه??. گيس جون قيمتون نه وڌائڻ سان گيس ڊسٽريبيوشن ڪمپنين کي نقصان ٿئي ٿو. غريب عوام جي ڏُکيائين سبب اسان گيس جون قيمتون نٿا وڌائي سگهون جنهن سبب گيس ڪمپنين تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ اهي نقصان ۾ هليو وڃن ٿيون. گيس جي چوري کي روڪڻ تمام ضروري آه??. پُراڻين پائپ لائنن کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آه??. ان حوالي سان هڪ اثرائتو پروگرام جوڙيو ويو آه??. ناز بلوچ جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ گيس ايل پي جي سيلنڊرز ذريعي فراهم ڪئي ويندي آه??، سمورا ايل پي جي گيس سلينڊرز بم ناهن هوندا. قانون موجب گيس ذخيرن وارن علائقن ۾ 5 ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ گيس فراهم ڪئي ويندي آه??، ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ گيس چوري ٿيڻ سبب پريشر گهٽ ٿئي ٿو.
ملڪ ۾ گيس جي ذخيرن ۾ مسلسل گهٽتائي اچڻ لڳي: مصدق ملڪ
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena